جمعدار درگا سنگهه جي سماڌي

جمعدار درگا سنگهه جي سماڌي (Cenotaph): ڪنڌڪوٽ جي ڀرپاسي، سنڌ ڍوري لڳ، جهنگ ۾ مندر نما هڪ اڏاوت آهي. جمعدار موصوف اتي هڪ چوڪي جو نگران هو ۽ هڪ هنگامي / فساد ۾ مارجي وڃڻ ڪري جان جيڪب سندس خدمتن جي اعتراف طور هي سماڌي جوڙائي- تصوير پري کان ۽ جهنگ جي ڪنهن پهي وچان ڇڪيل آهي، ان ڪري هيٺين حصي جو صحيح اندازو ڪري نه ٿو سگهجي، البت مٿئين حصي جا ٽي ڀاڱا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هيٺيون چورس تراش سان شهلي / سڌين ڀتين جو ٺهيل آهي، ان جي مٿان ٻاهر تي سندري سمان چوڌاري ويڪرو پٽو آهي. پٽي جي مٿان ساڳي ماپ ۽ قسم جي اوساري جاري آهي، جنهن جي مٿان اڏاوت جو آخري مٿيون انس آهي، جنهن جي شڪل مخروطي قُبِي جهڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو